ڊاڪٽر بدر ڌامراهو

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو

بدر ڌامراهو ڊاڪٽر

بدر ڌامراهو ڊاڪٽر: مشھور محقق، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر بدر الدين ولد عبدالمجيد ڌامراهو جو جنم 15 ڊسمبر 1961ع تي ڌامراها، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڌامراها ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ايم. اي (سنڌي، 1985ع)، بي ايڊ )1987ع، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو)، ايم ايڊ (الخير يونيورسٽي، آزاد ڪشمير) ۽ ايم فل (1996ع) ڪرڻ کان پوءِ 2014ع ۾ شاهه عبدالطليف يونيورسٽي، خيرپور مان ’سنڌي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا‘ جي موضوع تي Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. 1984ع ۾ تعليم کاتي ۾ HST ۽ 2008ع ۾ هيڊ ماستر ٿيو. ٽن سالن تائين هاير سيڪنڊري اسڪول، ڌامراها ۾ پرنسپال ۽ ٽن سالن تائين رجسٽرار، ڊپارٽيمينٽل ايگزمينشن فار ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن، ريجن لاڙڪاڻو رهيو. 2021ع ۾ هيڊماستر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس تحقيقي مقالا ۽ اصلاحي مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا. هي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري ۽ آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ادبي شعبي جو چيئرمئن رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل نصابي ڪتابن ۾ ’هيرن کاڻ‘ (ٽن ڪتابن جو مجموعو، 1990ع)، ’سنڌي ادب‘ جي سري هيٺ آتم ڪھاڻين، اساسي شاعري، تحقيق ۽ تنقيد، لطيفيات، لوڪ ادب، لسانيات، جديد ادب، نظم ۽ نثر جي موضوعن تي 9 ڪتاب (1992ع)، ’پڇا ڳاڇا‘ (1992ع) ۽ ’ٽيچرز چونڊ گائيڊ‘ شامل آهن، جڏهن ته تحقيق ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ’لاکيڻو لطيف‘ (تحقيق، 1996ع)، ’لاڙڪاڻو: ماضي ۽ حال‘ (ترتيب، 2001ع)، ’سنڌي ادب جو مقدمو‘ (2004ع)، ’انٽرويو‘ (2005ع)، ’جعفر پنھور جو ڪلام‘ (تحقيق ۽ ترتيب، 2007ع)، ’لطيفي انسائيڪلوپيڊيا‘ (2007ع)، ’سنسڪرت سنڌي لغت‘ (تحقيق، 2008ع)، ’الصلوات اعليٰ سيد المرسلين‘ (2008ع)، ’درودن جو گلدستو‘ (بوڪ ليٽ)، ’علمي سنڌي اردو لغت‘، ’ٻالڪ سائنسي انسائيڪلوپيڊيا‘ (2013ع)، ’لغات سچل سرمست‘ (2017ع) ’لغات بيدل ۽ بيڪس‘ (2020ع) ۽ ’لاڙڪاڻو: سنڌ جو راڻو‘ 2023ع شامل آهن. کيس ادبي خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ مليل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.12.15  عيسوي

مشھور محقق، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر بدر الدين ولد عبدالمجيد ڌامراهو جو جنم 15 ڊسمبر 1961ع تي ڌامراها، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن الهيثم
آنند رامچند گولاڻي
خواجه خيرالدين
ڊنشا دستور
خان عبدالولي خان
سڪندر سومرو
جتوئي علي نواز حاجن
عبدالعزيز ٻرڙو انجنيئر
راجا سونيه
فتح علي جتوئي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون